موٽر وي واقعي تي اداڪارا صنم سعيد جي فلم ۾ مضبوط پيغام

ڪراچي : لاهور موٽر وي تي عورت سان اجتماعي لڄالٽ جي واقعي تي اداڪارا صنم سعيد جي هڪ مختصر فلم يوٽيوب تي رليز ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي هڪ مضبوط پيغام ڏنو ويو آهي.
مختصر فلم ”اب بس“ جي جي ڪهاڻي موٽر وي حادثي تي ٻڌل آهي، جنهن کي يوٽيوب تي سي پرائم چئنل تي رليز ڪيو ويو آهي.
ان مختصر فلم ۾ سماجي مسئلي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ عورتون بلڪل به محفوظ ناهن.
فلم جو دورانيو 10 منٽ 24 سيڪنڊ آهي، جنهن ۾ صنم سعيد مايا نالي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي پيءُ کي دل جو دورو پوندو آهي ۽ کيس وٽس وڃڻ لاءِ اڪيلائي ۾ سفر ڪرڻو پوندو آهي.
اڪيلي سر سفر ڪرڻ کان اڳ هوءَ پنهنجي حفاظت لاءِ مختلف قسمن جو ڇُريون، بندوق ۽ ٻيون شيون پاڻ سان گڏ کڻندي آهي.
ان فلم جي هدايتڪاري محسن طلعت ڏني آهي، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر سيمين نويس آهي ۽ ان جي ڪهاڻي شاهد ڊوگر لکي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔