نيوزيلينڊ جي دوري لاء قومي ٽيم جو اعلان

نيوزيلينڊ دوري لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن مان شعيب ملڪ، محمد عامر ۽ اسد شفيق کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرفراز احمد جي واپسي ٿي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق ٻڌايو ته بابر اعظم ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪندو، جڏهن ته محمد رضوان نائب ڪپتان هوندو.
هن چيو ته نيوزيلينڊ دوري لاءِ ٽيم ۾ 6 اوپنر، 11 مڊل آرڊر بيٽسمين، 3 وڪيٽ ڪيپر، 5 اسپنر ۽ 10 فاسٽ بالر شامل ڪيا ويا آهن.
نيوزيلينڊ دوري لاءِ اعلانيل 35 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، عبدالله شفيق، فخر زمان، امام الحق، شان مسعود، ذيشان ملڪ، اظهر علي، دانش عزيز، فواد عالم، حيدر علي، حارث سهيل، حسين طلعت، عمران بٽ، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد حفيظ، محمد رضوان، روحيل نذير، سرفراز احمد، عماد وسيم، شاداب خان، عثمان قادر، ياسر شاهه، ظفر گوهر، عماد بٽ، فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد عباس، محمد حسنين، محمد موسيٰ، نسيم شاهه، شاهين آفريدي، سهيل خان ۽ وهاب رياض شامل آهن.
مصباح الحق موجب بابر اعظم اسان جو مک بيٽسمين آهي ۽ هو ذميواري کڻي رهيو آهي، دٻاءَ بدران بابر اعظم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي، اميد ته سندس ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به رانديگر لاءِ دَر بند ناهن ڪيا ويا، اسد شفيق ڪم بيڪ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اظهر علي بابت فيصلو بورڊ جو آهي، مون کان پڇيو ويو هو پر نٿو سمجهان ته تازو فيصلو پيٽرن سان ٿيندڙ ملاقات جو نتيجو آهي.
هن چيو ته رانديگرن جي سليڪشن تي سڀني ڊوميسٽڪ ڪوچن جو ٿورائتو آهيان، هيءَ منهنجي آخري اسائنمينٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔