وفاقي ڪابينا پاران حڪومتي جلسا نه ڪرائڻ جو اصولي فيصلو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا هاڻي حڪومتي جلسا نه ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو، رشڪئي ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪرڻ تي به صلاح مشورا، ڪابينا ميمبرز طرفان اپوزيشن ۽ حڪومت جي جلسن تي ڳڻتي جو اظهار، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪورونا وڌي رهيو آهي، مٿان وري اپوزيشن سان گڏ حڪومت به جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ سان اهي ئي جلسا ڳچي ۾ پئجي ويندا، وفاقي ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 16 سئو 50 رُپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو، ڪابينا اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ سبب ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو، اڃا به سنڌ سرڪار ايتري ڪڻڪ جاري ناهي ڪئي، جيتري اُن کي جاري ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔