آءِ جي سنڌ واري معاملي تي لاڳاپيل آفيسرز کي هٽايو ويو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، آءِ ايس پي آر پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته مزارِ قائد جي بيحرمتي کانپوءِ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ سيڪٽر هيڊڪوارٽر جي آفيسرز تي عوام جو شديد دٻاءُ هو، آفيسرز کي اڻوڻندڙ صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها پر هُنن عوام جي دٻاءُ بعد جذباتي ردعمل ظاهر ڪيو، سندن اهڙي عمل جي نتيجي ۾ رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون، ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تحت رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرز کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جي ايڇ ڪيو ۾ سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي هدايت تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي آءِ جي سنڌ کي مبينا کنڀڻ واري واقعي جي جاچ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔