آءِ جي سنڌ جي ذميواري آهي ته پنهنجي آفيسرز خلاف جاچ ڪري: شبلي فراز

اسلام آباد: آءِ جي سنڌ جي معاملي تي پاڪ فوج جو خود احتسابي وارو نظام حرڪت ۾ آيو ۽ ٻن آفيسرز کي هٽائي ڇڏيو، هاڻي آءِ جي سنڌ جي ذميواري آهي ته پنهنجي آفيسرز خلاف جاچ ڪري، جِن بغاوت ڪئي ۽ سنڌ ۾ پوليس جي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو، وفاقي سرڪار طرفان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي جاچ مڪمل ٿيڻ جي آجيان، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي مبينا کنڀجڻ واري واقعي سان وفاقي سرڪار جو ڪوبه واسطو نه آهي، اهو صوبائي مامرو هو، وفاقي وزير شبلي فراز طرفان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي رپورٽ جي آجيان، شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي اداري پنهنجي قانون ۽ ضابطن تحت معاملي جي جاچ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، سنڌ حڪومت جي رپورٽ اڃا منظرعام تي ناهي آئي، هاڻي آءِ جي سنڌ کي به پنهنجي آفيسرز خلاف جاچ ڪرڻ گهرجي، جِن بغاوت ڪئي ۽ سنڌ ۾ پوليس جي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔