گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ته عوام نه ڇڏيندو،:مريم نواز

استور : ڌانڌلي ڪندڙ ۽ ڌانڌلي جي پيداوار وائکا ٿي ويا، گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ته عوام نه ڇڏيندو، هاڻي ڌانڌلي جي ڪابه گنجائش نه آهي، مريم نواز استور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران چيو آهي ته عمران خان کي عوام حوالي ڪيو وڃي ته جيئن کائنس پائـِي پائـِي جو حساب وٺي، عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو وقت اچي ويو،هاڻي سليڪٽر ڪو ٻيو نه، پر عوام آهي، آئين ۽ قانون ۾ به عوام کي ئي اصل سليڪٽر قرار ڏنو ويو آهي، نواز ليگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر گلگت جو عوام لوٽن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔