اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ درخواست تي بچاءَ واري وزارت کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ درخواست تي بچاءَ واري وزارت کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويو، دفاعي وزارت جي نمائند طرفان مهلت گهرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ باوجود جاچ مڪمل ناهي ٿي، اڃا ڪيترو وقت گهرجي، بچاءَ واري وزارت جي نمائندي چيو ته اسد دُراني خلاف جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، هاڻي رڳو لاڳاپيل اختيارين وٽ رپورٽ پيش ڪئي ويندي، جسٽس محمد اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسد دراني جي پينشن بند ڪئي وئي وئي آهي، کيس قيد جي سزا ناهي ملي ته اي سي ايل ۾ نالو ڇو پيو رکيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته اسد دراني جاچ جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ گهربل آهي، لاڳاپيل اختياريون هن مامري کي ڪڏهن مڪمل ڪنديون؟ عدالت بچاءَ واري وزارت جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔