عالمي عدالت پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ڪوسووو جي صدر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پرسٽينا: سربيا سان جنگ دوران جنگي ڏوهه تحت عالمي عدالت پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ڪوسووو جي صدر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر اوڀر يورپي مسلم ملڪ ڪوسووو جو صدر هاشم ٿاچي صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن هيگ جي جنگي ڏوهه جي خاص عدالت ۾ پيشي ٿي سگهي.
ياد رهي ته دي هيگ جي جنگي ڏوهه جي خاص ٽريبونل هلندڙ سال جون ۾ 1990 جي ڏهائي دوران سربيا کان آزادي جي جنگ دوران هاشم ٿاچي تي جنگي ڏوهه جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو.
هاشم ٿاچي جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ملڪ جي خودمختياري، ڪوسووو جي صدارتي عهدي ۽ قومي وقار خاطر عالمي عدالت ۾ ڪوسووو جي صدر جي حيثيت ۾ پيش نه ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔