پيرن اگهاڙي ست سئو ميل سفر مڪمل ڪري معذورن لاءِ فنڊ جمع ڪندڙ ميجر

لنڊن: دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي والدين آهن جيڪي ٻارن ۾ ڪنهن بيماري جي سڃاڻپ کان پوءِ همت هارائيندي ماڻهن کي همدردي يا ترس وارين نظرن جو مرڪز بڻجي ويندا آهن پر 40 ساله برطانوي ميجر پاڻ جهرن ڪيترن ئي والدين جي لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو آهي.برطانيه جي ڏاکڻي اوڀرين علائقي ۾ واقع ٽڊورتهه گيريزن ۾ رهندڙ 40 ساله ميجر ڪرس برنيگلن جي 8 ساله ڌيءَ بيسٽي ۾ 2018 ۾ ڪونيليا ڊي لينگ سنڊروم جي سڃاڻپ ٿي. ڪونيليا ڊي لينگ سنڊروم پيدائش کان اڳ ۽ بعد ۾ سست طريقي جي بيماري آهي جيڪا ٻار جي قد، هٿ جي آڱرين ۽ هٿن تي اثر انداز ٿيندي آهي ۽ هن بيماري جو في الحال دنيا ۾ ڪٿي به علاج موجود ناهي.هن عظيم فوجي آفيسر 38 ڏينهن تائين 25 ڪلو گرام سفري بيگ سان گڏ پيرن اگهاڙي 700 ميل جو سفر طئي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔