ڪورونا وائرس: چين برطانوي، بيلجيم ۽ فلپائني شهرين جي داخلا بند ڪري ڇڏي

بيجنگ: چين ڪرونا وائرس جيان سخت متاثر ٿيل ٽن ملڪن جي شهرين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر کان پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ سختيون وڌائي ڇڏيون آهن ۽ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ وائرس سبب سخت متاثر ملڪ برطاني، بيلجيم ۽ فلپائن جي شهرين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ان کان علاوه چين آمريڪا، فرانس ۽ جرمني جي شهرين کان چين اچڻ تي صحت بابت اضافي ٽيسٽ جي نتيجن ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين برطانيه مان ايندڙ اهڙن پرڏيهي چيني شهرين کي به ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني وئي.ميڊيا رپورٽن موجب برطانيه مان غير چيني رهواسين جي چين اچڻ تي پابندي جو فيصلو برطانيه ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کان پوءِ لڳندڙ لاڪ ڊائون کان پوءِ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔