نواز شريف فوج کي پنهنجي ئي آرمي چيف خلاف ورغلائي پيو: وزيراعظم

سوات: نواز شريف آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي هٽائڻ واري ڳالهه ڪري فوج کي پنهنجي ئي آرمي خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ ورغلائي رهيو آهي، اُن کان وڌيڪ ملڪ دشمن ٻيو ڪير هوندو؟ وزيراعظم عمران خان جي سوات ۾ جلسي کي خطاب دوران اپوزيشن تي ڇتي تنقيد، وزيراعظم چيو آهي ته لنڊن ۾ ويٺل لُٽيرو وڏو ڊرامو ڪيو ته بيمار آهيان، عدليه کي به رحمت اچي ويو ۽ چيو ته عمران! کيس پرڏيهه وڃڻ ڏي، قوم جو پئسو لُٽيندڙ نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي ويا آهن ته اين آرو ملي، ڪرسي بچائڻ لاءِ کين اين آر او ڏنو ته اُها ملڪ سان سڀ کان وڏي غداري هوندي، جلسي کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته مريم نواز به فوج خلاف پنهنجي والد جي ٻولي ڳالهائي رهي آهي، پاڪستان ۾ عورتن کي مانُ ڏنو ويندو آهي، تنهن ڪري مريم کي ڳالهائڻ جي اجازت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔