سنڌ سرڪار ملڪ ۾ ڪڻڪ بحران جو ذميوار وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي سوڌو سموري ملڪ ۾ ڪڻڪ بحران جو ذميوار وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي سرڪار کان ڪڻڪ جو امدادي اگهه 14 سئو رُپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته امدادي اگهه گهٽ ملڻ سان آبادگار ڪڻڪ جي پوکي گهٽائي ڇڏيندا، ڪڻڪ امپورٽ ڪري پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو ڏيڻ بدران مقامي آبادگارن کي جائز حق ڏنا وڃن، وفاقي حڪومت ڪڻڪ جِي پيداوار ۽ ذخيري وارا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو، بحران مان وفاقي حڪومت جو خرچ هلائيندڙ مافيا فائدو وٺي رهي آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت زميني حقيقن کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رُپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔