بلاول، مراد سعيد ۽ علي امين گنڊاپور سميت سياسي اڳواڻن کي چونڊ ضابطن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 95 نوٽيس جاري

اسلام آباد : گلگت بلتستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير مراد سعيد، علي امين گنڊاپور سميت مختلف سياسي اڳواڻن کي چونڊ ضابطن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 95 نوٽيس جاري ڪري چڪو آهيان، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان اسيمبلي جي هي ٽين چونڊ آهي، چونڊ ضابطي جي خلاف ورزي تي تمام سياسي پارٽين کي جاري ڪيل 95 نوٽيسن مان پيپلزپارٽي کي 35، تحريڪ انصاف 23 ۽ مسلم ليگ (نواز) کي 12 نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جا وزير، سينيٽر به گلگت بلستان پهچي چونڊ قانونن جي خلاف ورزيون ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو به چونڊ اصولن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، گلگت جي چونڊ ۾ چونڊ ڌانڌلي جي واويلا ڪندڙ ٻڌائن ته ڌانڌلي ڪٿي ٿي آهي، گلگت ۾ صاف شفاف چونڊون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته 600 ڪلوميٽر پري ويهي ماڻهن کي ڌانڌلي نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔