چونڊ فراڊ جو الزام، ٽرمپ جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڏي اڪثريت سان صدارتي چونڊون کٽڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ مخالفن تي ڌانڌلي ذريعي هارائڻ جي ڪوشش جو الزام به هنيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان چونڊن جي نتيجن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندس.
آمريڪا ۾ پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.
آمريڪي ميڊيا ۾ صدر ٽرمپ جي اهڙي بيان کي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اها صورتحال آمريڪا کي هڪ سنگين بحران ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔