وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو، اهم فيصلن جو امڪان

اسلام آباد: قومي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندو. جنهن ۾ اهم فيصلن جا امڪان آهن.

رپورٽ  موجب قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا.

ذميوار ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کولي رکڻ يا بند ڪرڻ جي معاملن تي غورڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته منعقد اجلاس ۾ ڪاروباري مرڪز جي وقتن تي به غور ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ منعقد قومي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ڪنٽرول اينڊ آپريشن سينٽر جي سفارشن جي روشني ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ شادي هلن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا معاملا به غور هيٺ ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔