ٽيون ون ڊي: زمبابوي جي ٽيم پاران پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو

راولپنڊي: پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾  ٽئين ميچ دوران مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ٽاس کان پوءِ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪپتان بابر اعظم ٻڌايو ته ٽيم ۾ چار تبديليون ڪيون ويون آهن.

فخر زمان، خوشدل شاهه، وهاب رياض ۽ محمد حسنين کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آهي ۽ هاڻ قومي ٽيمن جون نظرون ڪلين سوئپ ڪرڻ تي آهي. ميچ جي لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو. ظفر گوبر، عبدالله شيق ۽ محمد حسنين اسڪواڊ جو حصو آهن. عابد علي، عماد وسيم ۽ حارث رئوف کي آرام ڏنو ويو آهي. مهمان ٽيم به ون ڊي سيريز به کٽڻ جي خواهشمند آهي جنهن لاءِ سخت محنت ڪئي ويندي.

  پاڪستاني ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن پر حتمي فيصلو پچ ڏسي ڪيو ويندو. ذريعن موجب شاداب خان شروعاتي 2 ميچن جيان ٽئين ميچ جي لاءِ به ميسر نه هوندو ان جي زمبابوي جي خلاف ٽي 20 سيريز کيڏڻ جا امڪان گهٽ آهن. ٽنهي ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي ٻئي مقابلي ۾ پاڪستان زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

پاڪستان زمبابوي کي 207  رنسن جو حدف4  وڪيٽن جي نقصان تي 35هين اوور ۾ آساني سان حاصل ڪري ورتو هو. سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان زمبابوي کي 26 رنسن تان شڪست ڏني هئي. زمبابوي جي ٽيم پاڪستان جي طرفان ڏنل 282 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ 255 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔