ادارن ۾ ٽڪراءَ جي ڪيفيت پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءَ جي ڪيفيت پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،اياز صادق اهڙي تقرير ڪئي،جنهن تي پاڪستان ۾ بحث ڇڙيل آهي،هن هينئر تائين معافي نه ورتي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته مزار قائد جي توهين ڪئي وئي،بلوچستان ۾ ملڪ خلاف ڳالهايو ويو.هن چيو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ايف اَي ٽي ايف کان وٺي سياسي ۽ ملڪي مفادن جي خلاف آهي.شبلي فراز چيو ته وزيراعظم دوست ملڪن سان گڏجي پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، جيڪڏهن ملڪ جو ڏيوالو نڪري ها ته ڪرنسي تمام گهڻي ڪري پئي ها.وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم معيشت کي مضبوط ڪيو،ملڪ قرض جي بار هيٺ دٻيل هو،جنهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون پيا.هن چيو ته 2016 ۾ ڊان ليڪس کان ملڪي عدم استحڪام شروع ٿيو، اهو بحران 2017 ۾ جي ٽي روڊ تي مون کي ڇو ڪڍيو ويو جي صورت ۾ نظر آيو،سپه سالار جي خلاف ڪوڙيون خبرون هلائي ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔