جنوري ۾ اسلام آباد پهچي رهيا آهيون:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جنوري ۾ اسلام آباد پهچي رهيا آهيون، ڪٺ پُتلي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين، بلاول ڀٽو چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جو مطالبو رهيو آهي ته کين صوبو ڏنو وڃي، هاڻي نيشنل سيڪيورٽي جا دارا به عوام جي پيج تي اچي ويا آهن، اشارن تي هلندڙ پارٽيز به چون ٿيون ته گلگت بلتستان جي عوام کي صوبو ملڻ گهرجي، اسڪردو جي غِذر واري علائقي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته 15 نومبر تي اسان جي تحريڪ جو امتحان آهي، گلگت بلتستان جو عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائي ته جيئن سندن حقن لاءِ جدوجهد کي ڪامياب بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔