پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙن کي ڀارت هليو وڃڻ گهرجي: اعجاز شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته پاڪ فوج جي خلاف ڳالهائيندڙن کي ڀارت هليو وڃڻ گهرجي.ننڪانا صاحب ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعجاز شاهه چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه پاران آرمي چيف تي الزام مڙهيا ويا،حڪومتي دشمني ۾ سياسي پارٽيون حدون پار ڪري ويون آهن.گهرو وزير چيو ته رياست قوم جي ماءُ هوندي آهي، سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.هن چيو ته اياز صادق جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي لاءِ ماڻهن درخواستون ڏنيون.هن چيو ته ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان ۽ عمران خان اسلامي دنيا جا قداوار اڳواڻ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔