اين سي او سي پاران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي ظاهر ڪندي صوبن کي فوري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.اين سي او سي پاران صوبن کي اسپتالن ۾ ضروري طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي.اين سي او سي پاران چيو ويو آهي ته صوبن جي اسپتالن ۾ طبي سهولتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ اسپتالن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا وڃن.اين سي او سي پاران هدايت ڪئي وئي ته صوبا جاري هدايتن مطابق ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائين.ٻئي طرف ڪرونا وائرس جي ٻئي لهر سبب سموري ملڪ ۾ ڪرونا جي ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ حڪومت ڪرونا تي ڪنٽرول لاءِ شهرين کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔