اپوزيشن کي رياست سان ويڙهه ڪرڻ جو حق نه آهي:شيخ رشيد

لاهور : ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن کي رياست سان ويڙهه ڪرڻ جو حق نه آهي، سياست سان ويڙهه ڪرڻي آهي ته عمران خان حاضر آهي، عقل جي انڌن سياستدانن کي خبر ئي ناهي ته سياست ڪهڙن خطرناڪ مرحلن ۾ داخل ٿي وئي، کين هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، حالتون تيزي سان جنهن پاسي وڃي رهيون آهن، اُهو سٺو سنئوڻ نه آهي، اُن سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، باقي ملڪ ۾ مارشل لا نه لڳندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا در بند نه ٿيڻ گهرجن، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ڊائلاگ ٿي سگهن ٿا ته ٻين سان به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف، اياز صادق کي ڇو لانچ ڪيو آهي؟ اياز صادق جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، ڪوبه ذميوار ماڻهو ادارن لاءِ اهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔