ادارن کان وڌيڪ فرد مقدس هجڻ واري اصول کي نٿا مڃون: مولانا فضل الرحمان

لاهور : پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارن کان وڌيڪ فرد مقدس هجڻ واري اصول کي نٿا مڃون، ملڪي بقا جو سوال آهي، سياست ۾ مداخلت بند ڪري آئين تحت هلڻ گهرجي، آئيني حدن ۾ رهي ملڪ کي هلايو وڃي ته اسان ادارن سان گڏ هونداسين، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق سان ملاقات بعد چيو آهي ته پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجهي ووٽ جو تقدس پائمال ڪيو ويندو ته اختلاف لازمي طور پيدا ٿيندا، قيامت جي علامت آهي جو مسلم ليگين کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، اُن حوالي سان احتياط نه ڇڏڻ گهرجي، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ته 25 جولاءِ 2018ع تي ڌانڌلي ٿي، موجوده حڪومت جي جواز کي قبول نٿا ڪريون، نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته اڀينندن جي حوالي سان پنهنجي بيان تي وضاحت ڪري چڪو آهيان، پنهنجي بيان ۾ حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي، سياسي ماڻهو آهيان ۽ ڪڏهن به غير ذميواراڻو بيان ناهي ڏنو، حڪومت سان ويڙهه ۾ فوج کي شامل نه ڪيو وڃي، حڪومتي وزير منهنجي بيان سان کيڏي ڀاتي ميڊيا جي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔