حمزه شهباز بڪتربند گاڏي ۾ عدالت اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جج پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن تي احتساب عدالت جي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ رمضان شوگرملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن جي سلسلي ۾ جوڊيشل آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شهباز جو وارنٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر هن بڪتر بند گاڏي ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. کيس آڻڻ جي لاءِ بڪتر بند گاڏي جيل ۾ بيٺل آهي پر هو ٻاهر ناهي اچي رهيو. 

عدالت حمزه شهباز کي ذات حيثيت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ نوٽيس وٺندي جيل اختيارين کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شهباز کي جيل اٿارٽي 8 لڳي 25 منٽن تي جوڊيشل اختيارين جي حوالي ڪيو.

جوابدار بڪتر بند گاڏي ڏسي عدالت ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو. جيل سپرنٽينڊنٽ جي جواب تي فاضل جج امجد نذير چيو ته اها هاڻ ڏوهارين جي مرضي ٿي وئي آهي ته هو عدالت ۾ پيش ٿين يا نه ٿين. ڏوهارين جي پسند هوندي ته هو ڪهڙي گاڏي ۾ ويندو، سوين ڏوهاري عدالت ۾ پيش ٿيندا آهن ڇا اهي به پسند جي گاڏي جي فرمائش ڪندا آهن جيل اختياريون ڪٿي آهن؟ انهن جي ذميواري نٿي بڻجي؟ هي رياست جي ناڪامي  آهي ته هو ڏوهارين جي آڏو بيوس آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔