ترڪي ۾ زلزلي دوران قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس آهي: شبلي فراز

اسلام آباد ؛ وفاقي وزير شبلي فراز  چيو آهي ته ترڪي ۾ زلزلي دوران قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس آهي،آزمائش ۽ ڏک جي هن گهڙي  ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون. ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير  شبلي فراز چيو ته متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. واضح رهي ته ترڪي جي اولهندي شهر ازمير ۾ ست ڏهائي زيرو جي شدت سان آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 26 شهري فوت ۽ 800 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،جڏهن ته وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ترڪ ڊزاسٽر مينجمنٽ ايجنسي مطابق ازمير ۾ زلزلي دوران 20 عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔