ڪوئيٽا جلسي کان پوءِ(ن) ليگ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، عبدالقادر بلوچ پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پي ڊي ايم جي جلسي دوران بلوچستان جي اڳوڻي وڌي وزير ثناءُالله زهري کي پي ڊي ايم جي ڪوئٽه جلسي ۾ نه گهرائڻ تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن کان پوءِ پارٽي جي صوبائي صدر ليفٽيننٽ جنرل(ر) عبدالقادر بلوچ استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) بلوچستان جي صدر ليفٽيننٽ جنرل(ر) عبدالقادر بلوچ پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدلقادر بلوچ جي استعيفيٰ جي حوالي سان باضابطه اعلان پريس ڪانفرنس  ۾ ڪيو ويندو.  ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت ۽ مسلم ليگ(ن) بلوچستان جي صدر ليفٽيننٽ جنرل(ر) عبدالقادر بلوچ ۾ تڪرار ان وقت پيدا ٿيو جڏهن  بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ثناءُالله زهري کي پي ڊيم ايم جي ڪوئٽه واري جلسي ۾ نه گهرايو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل شاهد خاقان عباسي پارٽي قيادت سان صلاح مشوري کان پوءِ ثناءُالله  زهري کي جلسي ۾ گهرائڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته ثناءُالله زهري اڍائي سالن کان ملڪ ۾ موجود ناهي  جنهن جي ڪري هو پي ڊي ايم جي جلسي جو حصو نٿو بڻجي سگهي. پارٽي اڳواڻن جو موقف آهي ته ثناءُالله زهري مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي منع ڪرڻ جي باوجود بلوچستان جي وڏ وزارت واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي ۽ جڏهن ثناءُالله زهري تحريڪ سان گڏ ئي ناهي ته پوءِ کيس پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ڇو گهرايو وڃي.؟ 

واضح رهي ته عبدالقادر بلوچ  نوازشريف جي ڪابينه ۾ وفاقي وزير به رهي چڪو آهي ۽ هن وقت مسلم ليگ(ن) بلوچستان جو صدر آهي جڏهن ته ثناءُالله زهري  ۽ بلوچستان جو وڏو وزير به رهي چڪو آهي ۽ ثناءُالله زهري کي ڪوئٽه جلسي ۾ نه گهرائڻ جو فيصلو مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت ۽ پارٽي گڏيل طور تي ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔