حڪومت في مڻ ڪڻڪ جو اگهه 200 رپيا وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪڻڪ جي امدادي اگهه ۾ واڌ ۽ روس کان حڪومتي سطح تي 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزير اعظم عمران خان جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ 200 رپين جي واڌ جي منظوري ڏني وئي جنهن کان پوءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1600 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي.
خيال رهي ته هن سال ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1400 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي .
اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي درخواست تي ڪڻڪ جي درآمد جو حجم 15 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌائي 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
اي سي سي ۾ روس کان حڪومتي سطح تي 3 لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد جو به فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔