ٽن ڳالهين تي عمل ڪيو ۽ سياري ۾ به جوان ۽ تازا رهو…!

سڄي ملڪ ۾ سيءُ اچڻ وارو آهي ۽ سياري جي اچڻ جو مطلب آهي گرم مشروب، ٿڌيون هوائون ۽ تيز سيءُ وارن علائقن ۾ سياري جون موڪليون.
سياري جي مند ۾ ڪِرندڙ گرمي پد جتي منهن تي خشڪي ۽ واڌو حساسيت جو سبب بڻجندو آهي اُتي ئي توهان کي عمر جو وڏو بگ ڏيکاريندو آهي.
ان دور ۾ عورتن سان گڏوگڏ مردن لاءِ به عمر کان وڏو نظر اچڻ قطعي طور قبول ناهي.
ته اچو ته اڄو ڄاڻي وٺو اُهي اهم ٽپس جنهن جي ذريعي توهان هن سياري جي موسم ۾ خوبصورت نظر اچڻ سان گڏوگڏ ننڍي عمر جا به نظر ايندا.

1- جسم ۽ جلد کي هائيڊريٽ ڪيئن رکيو وڃي؟
انٽرنيشنل ڊرماٽولوجسٽ ڊاڪٽر اسٽيڻ گولڊ چوي ٿي ته خشڪ آب هوا دوران گرم مشروبن جي گهڻي استعمال بدران پاڻي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو. سياري جي موسم ۾ ڊي هائيڊريشن کان بچڻ لاءِ آفس، آئوٽ ڊور وزٽ ايستائين جو شاپنگ دوران به پاڻي جي بوتل لازمي طور گڏ رکو.
ٿڌي پاڻي بدران گرم پاڻي، هوم ميڊ اسموديز، ۽ گرم مشروبن مثال قهوه چانهه، دار چيني جي چانهه ۽ هاٽ چاڪليٽ جهڙين صحتمند شين کي ترجيح ڏيو.
جلد کي هائيڊريٽ رکڻ لاءِ پاڻي جي وارين شين تي ٻڌل غذا مثال، اورنج، اسٽرابيري ۽ دهي جو استعمال باقاعده اختيار ڪيو.
جسم مان پگهر جي خارج ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي پاڻي جو مقدار وڌائڻ ضروري آهي، ان ڪري ورڪ آئوٽ ڪندڙ ماڻهو ورزش دوران هر 15 منٽن کان پوءِ هڪ ڪوپ پاڻي کي معمول بڻائن.

2-سن اسڪرين جو استعمال لازمي؟
سياري جي موسم ۾ سن اسڪرين جو عقلمنداڻو استعمال ڪيو.
سياري ۾ به سج جا نقصان ڏيندڙ الٽرا وائلٽ (يو وي) شعاع توهان جي ڪمري جي کڙڪين يا وري آئوٽ ڊور ايرياز ۾ جُهڙ جي ذريعي توهان جي جلد کي ٻيڻو نقصان رسائي سگهن ٿا.
ان ڪري سياري جي موسم ۾ نيچرل اينٽي آڪسيڊينٽ، الٽرا فائن ٽائيٽينيم ڊائي آڪسائيڊ سميت 30 ايس پي ايف وارا موثر ۽ محفوظ سن اسڪرين استعمال ڪيو جيئن توهان سج جي UVA ۽ UVB شعاعن کان محفوظ رهي سگهو.

3- غسل جو دورانيو محدود ڪيو:
طبي ماهرن موجب خشڪ موسم ۾ غسل جو دورانيو وڌ کان وڌ 5 کان 10 منٽ جو هئڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ دورانيو جلد جي خشڪي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. گڏوگڏ ئي هٿ ڌوئڻ لاءِ گهڻي گرم پاڻي جي استعمال کان پاسو ڪيو.
سي ڊي سي موجب ٿڌو پاڻي به هٿن کي جراثمن کان اهڙي طرح محفوظ بڻائيندو آهي جيئن گرم پاڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔