فيس بڪ مفت ڪلائوڊ گيمنگ سروس متعارف ڪرائي ڇڏي

فيس بڪ ڪلائوڊ گيمنگ جي دنيا ۾ پير رکندڙ هڪ ٻي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني بڻجي ويو آهي پر ان جو طريقيڪار مختلف آهي.
ايميزون يا گوگل ۽ ٻين ڪمپنين طرفان فيس جي عيوض ڪائوڊ گيمنگ سروسز فراهم ڪئي ويندي آهي فيس بڪ طرفان مفت سروس فراهم ڪئي ويندي.
فيس بڪ جي نائب صدر جيسين روبن ٻڌايو اسان مفت کيڏي ويندڙ گيم صارفن کي فراهم ڪنداسين، گهٽ کان گهٽ آغاز تي اسان 4 ڪي، 60 فريم في سيڪنڊ جو واعدو نه پيا ڪيون، جنهن جي عيوض توهان کي ماهوار 7 ڊالرز ادا ڪرڻ پوندا آهن، اسان ڪنهن هارڊويئر جهڙو ڪنٽرولر به وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش نه پيا ڪيون.
هن ٻڌايو ته فيس بڪ طرفان ڪلائوڊ گيمنگ ۾ قدم رکڻ جو سبب اهڙيون گيمون صارفن تائين پهچائڻ آهن جيڪي اسان فراهم ڪري سگهون ٿا.
فيس بڪ ۾ گيمز جي واڌ کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي جنهن جو آغاز فليش تي ٻڌل گيمز جهڙوڪ فارم ويلي سان ٿيو جنهن کان پوءِ هن ڪمپني پنهنجي انسٽنٽ گيمز پليٽ فارم لاءِ اڇ ٽي ايم ايل 5 ڏانهن اڳڀرائي ڪئي.
پر اِهي ٽيڪنالاجيز ڪافي محدود ۽ ساديون آهن.
جيسن روبن ٻڌايو ته ڪلائوڊ پليٽ فارم تي گهڻو پيچيده گيمون صارفن تائين پهچي سگهن ٿيون جڏهن انسٽنٽ گيمز پليٽ فارم به پنهنجي جاءِ تي موجود رهندو جيڪو فيس بڪ ايپ ۾ ڪلائوڊ گيمنگ سان گڏ هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔