بين ڊنڪ پي ايس ايل جون رهيل ميچون کيڏڻ لاءِ بيچين

ڪينبرا : پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ آسٽريلوي رانديگر بين ڊنڪ ايونٽ جي رهيل ميچن لاءِ بيچينيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ بين ڊنڪ چيو ته مان پي ايس ايل جي نومبر ۾ شيڊيول باقي ميچن جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهيان
هن چيو ته مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساٿي رانديگرن سان ملاقات جو موقعو ملندو، پراميد آهيان ته پهريون ڀيرو ٽرافي کٽي لاهور جي چاهيندڙن نالي ڪنداسين ۽ انهن کي خوش ڪنداسين.
پنهنجي پيغام جي آخر ۾ هن ”مان آهيان قلندر دل سان“ جو نعرو به هنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔