فرانس جو سربراهه حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مريض آهي: ترڪ صدر

انقرا :ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته فرانس جو سربراهه حقيقي منعيٰ ۾ هڪ مريض آهي
رجب طيب اردگان انصاف ۽ ترقي پارٽي جي هڪ اجلاس کي خطاب دوران يورپي ملڪن مان اٿندڙ اسلام دشمن ۽ نسليت پرستاڻي آوازن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر ردعمل ڏنو.
هن يورپي ملڪن کي مخاطب ٿيندي چيو ته فاشزم توهان جي ڪتاب ۾ آهي، اسان جي ڪتاب ۾ فاشزم جو وجود ناهي، اسان سماجي انصاف جي رستي تي اڳتي وڌي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته هن وقت فرانس جو سربراهه وائڙو ٿي ويو آهي، ان جو رڳو هڪ ئي ڪم آهي ۽ اهو آهي رات ڏينهن اردگان سان وچڙڻ، مان چوندس ته هو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مريض آهي، ان جو معائنو ضروري آهي.
ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته هالينڊ ۾ به هڪ اسيمبلي ميمبر آهي ”گريٽ ولڊر“، ان کي به اسان سان ساڙ آهي، اسان جي خلاف ابتو سبتو لکندو رهي ٿو، انهن کي چوندس ته پنهنجي حد ۾ رهو، ڇا توهان سوچيو آهي ته ڪنهن سان وچڙي رهيا آهيو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔