ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي

ممبئي: قومي رانديگر شعيب ملڪ جي گهر واري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا به پاڪستاني ڊرامن جي ديواني نڪتي. پاڪستاني ڊرامه پنهنجي معيار ۽ حقيقت ڪهاڻين سبب سڄي دنيا ۾ ڏٺا ۽ پسند ڪيا ويندا آهن.ڀارتي عوام به پاڪستاني ڊرامن جا ديوانا آهن، پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪندڙن ۾ ثانيه مرزا به شامل آهي جيڪا اڄڪلهه پاڪستاني ڊرامه سيريل(ميرا دل ميرا دشمن) ڏسي رهي آهي. تازو ئي ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٻڌايو ته مان سڄي ڏينهن جي تڪاوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪندي آهيان.هن هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي هٿ ۾ ڪيمومائل چانهه جو ڪوپ پڪڙيل نظر اچي رهيو آهي. هن استوري ۾ لکيو آهي ته پٽ کي سمهارڻ کان پوءِ ڪيمومائل چانهه جو ڪوپ ۽(ميرا دل ميرا دشمن).

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔