ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گيس جو بحران وڌندو:ايم ڊي سوئي ناردرن

اسلام آباد: سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي عامر طفيل جو چوڻ آهي ته سياري ۾ 500 ملين ڪيوبڪ فٽ کان وڌيڪ شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پوندو.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي ايم ڊي سوئي ناردرن عامر طفيل جو چوڻ هو ته گيس ذخيرن ۾ لاڳيتو گهٽتائي انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. جڏهن ته گيس جي طلب وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي جنهن سبب ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گيس جو بحران وڌندو. هن جو چوڻ هو ته شارٽ فال وڌڻ تي ڪمرشل سيڪٽر جي گيس بند ڪرڻي پوندي پر گهريلو صارفين کي گيس ڏينداسين.هن چيو ته ڪوشش هوندي ته گهٽ کان گهٽ لوڊ شيڊنگ ٿئي ۽ کاڌو پچائڻ واري ٽائيم تي گيس عوام کي ملندي رهي. عامر طفيل جو چوڻ هو ته ڪمپريسر جو غيرقانوني استعمال ڪندڙن کي معافي نه ملندي. ماڻهو گيس سستي سمجهي ضايع ڪندا آهن اهو رويو هاڻ بدلائڻو پوندو. گيس مهانگي ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي درخواست ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔