آمريڪا چين تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ تائيوان کي اربين ڊالرن جا هٿيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

واشنگٽن: آمريڪا تائيوان کي هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪا چين تي دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ تائيوان کي هٿيار جي وڏي کيپ وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون جو چوڻ آهي ته تائيوان سان تهري ويپن سسٽم جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن ۾ راڪيٽ لانچرز، سينسرز ۽ آرٽلري شامل آهن. ان سلسلي ۾ تائيوان جي بچاءُ واري چيو آهي ته آمريڪا کان ملندڙ هٿيار تائيوان جي جوابي صلاحيتن کي مضبوط ڪندا.برطانوي ميڊيا موجب معاهدي ۾ 135 گائيڊڊ ڪروز ميزائل، موبائل لائٽ راڪيٽ لانچرز سميت جنگي جهازن سان گڏ لاڳاپيل جاسوسي پوڊز به شامل آهن. چين ۽ تائيوان جي وچ ۾ سالن کان هلندڙ ڇڪتان ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ بيجنگ آئس لينڊ کي واپس وٺڻ جي لاءِ فورس جي استعمال کي امڪان کي رد نه ڪيو آهي.برطانوي ميڊيا موجب گذريل هفتي آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار رابرٽ برائن جو چوڻ هو ته مون کي يقين نه هو ته چين تائيوان تي حملو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. تائيوان کي مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.ياد رهي ته چين جي دعويٰ آهي ته تائيوان ان جو اڻٽٽ حصو آهي پر تائيوان پاڻ کي هڪ ڌار ملڪ قرار ڏيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔