اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورس جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورس جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز(آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورس ڳجهي اطلاع تي مير علي ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾  عليم خان خوشحالي گروپ جا 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن مير علي ۾ ڪالهه  ملڪ رئيس کي قتل ڪيو هو. مارجي ويل دهشتگرد مختلف ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔