اسين ايس او پيز کي نظرانداز ڪري غلطي ڪريون پيا: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گذريل هفتي ڪرونا وائرس ۾ روزانو فوتين جو تعداد 12 رهيو،ڪرونا جي هي شرح ڪجهه هفتن جي مقابلي ۾ 140 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سوسل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير اسدعمر چيو ته اسان سمورين ايس او پيز کي نظر انداز ڪري غلطي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪرونا ايس او پيز کي نظرانداز ڪرڻ جا نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان موجودهه رستو تبديل نٿا ڪريون ته زندگي ۽ روزگار کان محروم ٿي وينداسين. واضح رهي ته ڪرونا جي ٻئي لهر آئي آهي،جنهن دوران ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔