آئون ايف آءِ آر ڪٽرائڻ تي ڊڄڻ وارو ناهيان: ڪيپٽن (ر) صفدر

لاهور: ن ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته منهنجي خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائڻ تي ڊڄڻ وارو ناهيان، ايف آءِ آر ڪٽرائيندڙ ڪير آهن، ڇا خلا مان ايف آءِ آر ڪٽرائي وئي؟رات جي اونداهي ۾ راتاهو هنيو ويو، مان مادر ملت ۽ نوازشريف جو پيغام کڻي هلندس. لاهور ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن صفدر چيو ته مادر ملت ماءَ آهي، ان کي دانهن ڏيڻ ڏوهه آهي ته ڪندو رهندس. ن ليگ اڳواڻ چيو ته مون ووٽ کي عزت ڏيو، مادر ملت زندهه باد جا نعرا هنيا ته ڪهڙو گناهه ٿي پيو؟ هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي مادر ملت جي مزار تي وڃي ڪري مادر ملت زندهه جا نعرا هڻندس. نون ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته مادر ملت ۽ نوازشريف جو پيغام ساڳيو آهي ۽ ان تي عمل ڪندو رهندس..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔