ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان ۽ ٻين تي فوري فرد جرم واري استدعا رد

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين تي فوري فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي نيب جي استدعا رد ڪري ڇڏي. عدالٽ ڄاڻايو ته پهريان پرڏيهي جوابدارن بابت فيصلو ڪنداسين، پرڏيهي جوابدارن کي ٻيهر سمن موڪلڻا آهن يا وارنٽ، ان جو فيصلو ڪنداسين. ٻڌڻي دوران نيب فلپ ناٽمين ۽ شنا صادق جو ڪيس الڳ ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. نيب درخواست ۾ ڄاڻايو ته پرڏيهي شاهدن کي نوٽيس پهچائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو، نيب شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. نيب ڄاڻايو ته عدالت پرڏيهي جوابدارن جو ڪيس الڳ ڪري شاهد خاقان عباسي تي فرد جرم لاڳو ڪري. شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بيرسٽر ظفرالله نيب درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي،هن چيو ته پرڏيهي جوابدار نه اچي رهيا آهن ته پهريان وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔