ميگا مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو،عدالت نيب جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري استدعا رد ڪري ڇڏي. لاهور جي احتساب عدالت شهباز شريف کي 27 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران خان هميشه ذاتيات ۽ انتقام جي سياست ڪئي آهي. هن چيو ته مريم ۽ ڪيپٽن صفدر سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته مون کي پيشي کان اڳ ٻه سوالناما ڏنا ويا، مون انهن جا جواب به ڏئي ڇڏيا،منهنجا جواب ريفرنس جو حصو آهن. ن ليگ جي صدر چيو ته شهباز شريف جو چوڻ هو ته مون نيب کي ٻڌائي ڇڏيو ته توهان جيڪو پڇيو هو ،اهو پهريان ئي ٻڌائي چڪو آهيان…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔