مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر مٿان هڪ ٻيو ڪيس داخل

لاهور: مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر سميت(ن) ليگي اڳواڻن تي ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ ۽ پنجاب سائونڊ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ هنن مٿان رياستي ادارن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ جو الزام به لڳايو ويو آهي. گجرانوالا ۾ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ويندڙ قافلن مٿان به شاهده ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر پنجاب سائونڊ ايڪٽ ۽ سيڪيورٽي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪئي وئي آهي جنهن موجب ريلي جي شڪل ۾ گجرانوالا ۾ جلسي جي لاءِ ويندي (ن) ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شاهدره چوڪ  لاهور تي بنا اجازت ٽريفڪ بلاڪ ڪئي جنهن سبب شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. ڪيس 2 هزار کان 22 سئو نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو جنهن ۾ نائب صدر(ن) ليگ مريم نواز، ڪيپٽن(ر)  صفدر، ملڪ رياض، سميع الله خان، ملڪ پرويز، علي پرويز ملڪ بلال ياسين، سميع الله خان ۽ سيف الملوڪ کوکر کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب جوابدارن ريلي ۾ حڪومت جي اجازت کان سواءِ گاڏي کان ٻاهر اچي خطاب ڪيو جنهن جي دوران حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ رياستي ادارن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ۽ نعريبازي ڪئي وئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ شاهدره پوليس اسٽيشن ۾ ئي نوازشريف، مريم ۽ مسلم ليگ(ن) جي ٻين اڳواڻن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ۽ غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن گوجرانوالا ۾ به پي ڊي ايم جلسي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي  ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي انتظاميه جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔