هزارين خامين باوجود ملڪ کي نواز شريف، آصف زرداري ۽ سندن ٻارن حوالي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ :وفاقي وزير

اسلام آباد : هزارين خامين باوجود ملڪ کي نواز شريف، آصف زرداري ۽ سندن ٻارن حوالي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ حڪومت ۾ انتظامي بهتري جي گنجائش آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن واري ٻڌائين ته عمران خان جي قد ڪاٺ وارو هڪ ماڻهو به اُنهن وٽ آهي؟ پي ڊي ايم جي ناڪامي عمران خان کان وڌيڪ ملڪ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير شبلي فراز پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سياسي ٻهرُوپين طرفان ڪجهه ڏينهن کان جاري ڊرامي جو مقصد پنهنجي ڪرپشن تي پردو وجهڻ آهي، اپوزيشن وارن قومي ناڻي تي ڌاڙو هنيو، اُهي قومي ڏوهاري آهن، اپوزيشن وارا ٻڌي ڇڏين، عمران خان ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندو، کانئن هڪ – هڪ پائي جو حساب ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔