جن ادارن کي دهشتگردن سان ويڙهه ڪرڻي هئي، اُنهن کي سياسي جنگ ۾ لڳايو ويو:ن ليگ اڳواڻ

اسلام آباد: ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، سِڪيورٽي ادارا دهشتگردن کي چِٿڻ بدران قومي انتقامي پلان جو حصو بڻجي ويا آهن، سِڪيورٽي ادارا انتظامي سياست جي نذر ٿي ويا، اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي نالائقيءَ تي قومي وقار قربان ٿي رهيو آهي، سندس وزير هر هر قومي ادارن جي پويان لِڪـِي رهيا آهن، ڪڏهن عدليه ته ڪڏهن وري فوج کي آڏو آندو ويندو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي ته ضمانت ٿي وئي، آءِ جي سنڌ کي ضمانت ڪير ڏيندو؟ ڇا آءِ جي ڪنهن عدالت ۾ وڃي سگهي به ٿو يا نه؟ ملڪ ۽ معاشرو ايئن نه ٿو هلي سگهي، جيترو جلدي اهو سمجهيو وڃي ته بهتر آهي، جن ادارن کي دهشتگردن سان ويڙهه ڪرڻي هئي، اُنهن کي سياسي جنگ ۾ لڳايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔