اسلام آباد ۾ احتجاج تي ويٺل ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا منظور، ڌرڻو ختم

اسلام آباد : اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 6 ڏينهن جي احتجاج کانپوءِ حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا منظور ڪري ورتا، اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 14 آڪٽوبر کان جاري هيلٿ ورڪرز جو احتجاج پارلياماني معاملن جي وزير محمد خان پاران ڳالهين ۽ يقين ڏيارڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿي ويو. مملڪتي وزير علي محمد خان پاران ڳالهين جي تحت سموري ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي هڪ جهڙين پگهارن جو معاملو سي سي آءِ ڏانهن موڪليو ويندو. علي محمد موجب پينشن ۽ گريجوئٽي جو معاملو وزيرا عليٰ پنجاب سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو جڏهن ته حڪومت هيلٿ مهم دوران ملازمن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن آءِ جيز ڏانهن خط لکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔