ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ به نه ايندس ۽ اپوزيشن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ به نه ايندس ۽ اپوزيشن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏيندس، عمران خان چيو ته ڪرپشن جي ڪيسز کي هر صورت ۾ منطقي انجام تي پهچايو ويندو، ادارن خلاف بيانبازي تي اپوزيشن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، وفاقي وزيرن جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مخالف ڌُر وارا ڀلي جلسا ڪن، پر قانون جي ڀڃڪڙي تي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪورونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، خوف آهي ته ملڪ ۾ ڪورنا جي هڪ ٻي لهر نه اچي وڃي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔