سنڌ سرڪار رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي :سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس دوران محمد صفدر جي گرفتاري ۽ اُن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته هي سڄي راند وفاقي حڪومت جي چُرچ تي ڪئي وئي آهي، سموري ڪارروائي کان اڳ سنڌ سرڪار کي آگاهه نه ڪيو ويو، مزارِ قائد تي ليگي اڳواڻن جي موجودگي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، اُهو نه ٿيڻ گهرجي ها، پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواست رد ڪئي ته قائد اعظم بورڊ طرفان درخواست ڏني وئي، هڪ شخص درخواست ڏني ته رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کيس قتل جي ڌمڪي ڏني آهي، صوبائي وزير سعيد غني مزارِ قائد ۾ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي نعريبازي کي غيرمناسب عمل قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي هدايت تي کيس گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پوليس جهڙي نموني ڪارروائي ڪئي، اُهو مذمت جوڳو عمل آهي، رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري پي ڊي ايم جي جماعتن ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ واري سازش جو حصو آهي، اُن سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔