جماعت اسلامي به پهرين نومبر کان حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور : جماعت اسلامي به پهرين نومبر کان حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي عوام جي ترجماني ڪندي احتجاج جي حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، پهرين نومبر کان حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ 23 آڪٽوبر تي مرڪزي ذميوارن جي اجلاس ۾ تحريڪ جو مڪمل شيڊول ڏنو ويندو. هن چيو ته نااهل حڪمرانن 22 ڪروڙ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني عروج تي آهي، ماڻهو اٽي ۽ کنڊ لاءِ ڦِرندا پيا وتن، کين ٻن ويلن جي ماني نه پئي ملي، اڄ تائين حڪومت رڳو اعلان، دعوائون ۽ واعدا ڪيا، حڪومت ۾ ڪا اهليت هجي ها ته عوام جون ڏکيائيون گهٽائي ها. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي تڪ ميانوالي سميت سڄي ملڪ جي عوام کي مايوس ڪيو، عمران خان هر تقرير کي آخري تقرير سمجهي ڪندو آهي، نون ۽ پراڻن حڪمرانن ۾ ويڙهه عوام جي مفاد نه پر پنهنجي واري لاءِ آهي، حڪمرانن جي رويي جمهوريت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، حڪومتي نااهلي خلاف تحريڪ جي شروعات خيبر پختونخواهه کان ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔