ڪراچي جي عوام عزت، محبت ۽ شفقت ڏني، سڄي زندگي ڪراچي جي عوام سان جڙي وئي آهيان: مريم نواز

ڪراچي: مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ڪراچي جي رستن تي اهڙي آجيان ٿي آهي جو لڳي ٿو ته لاهور ۾ آهيان ڪراچي جي عوام سان سڄي حياتي لاءِ جڙي وئي آهيان. نواز ليگ جي ڪارڪن ارحام بٽ ٽوئيٽ ڪئي ته مون کي ته محسوس ٿئي ٿو ته مريم نواز جو قافلو لاهور جي رستن تي هلي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ مريم نواز به چيو ته مون کي به ائين ئي لڳي رهيو آهي. هن ٻي ٽوئيٽ ڪئي ته ڪراچي جي عوام عزت، محبت ۽ شفقت ڏني، سڄي زندگي ڪراچي جي عوام سان جڙي وئي آهيان. هن چيو ته مون قائداعظم جي مزار تي حلف کنيو اٿم ته پاڪستان جي عزت تي ڪڏهن به حرف اچڻ نه ڏينديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔