وفاقي وزيرشبلي فراز پي ڊي ايم کي بنارس جي ٺڳن جو ٽولو ۽ ڪراچي ۾ جلسي کي فلاپ شو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي وزير شبلي فراز پي ڊي ايم کي بنارس جي ٺڳن جو ٽولو ۽ ڪراچي ۾ جلسي کي فلاپ شو قرار ڏئي ڇڏيو، شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن پنهنجي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ گهري ٿي، سليڪٽيڊ حڪومت نه، پر اپوزيشن وارا آهن، تنهن ڪري عوام ساڻن گڏ نه آهي، اپوزيشن وارا حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، پر اسان چورن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، بنارس جَي ٺڳن جَي ٽولي جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته مڃون ٿا ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، 3 کان 4 هفتن ۾ مهانگائي گهٽجي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔