ايران تي هٿيارن جي وڪري ۽ خريد جي پابندي ختم

تهران : گڏيل قومن طرفان ايران تي هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي لاڳو پابندي جو مدو ختم ٿي ويو.
ايران ان کي آمريڪا خلاف پنهنجي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.
2015 ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت گڏيل قومن ايران تي هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.
معاهدي تحت 18 آڪٽوبر 2020 کان اها پابنديون پاڻمرادو ختم ٿيڻيون هيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ملڪ کي ان معاهدي کان الڳ ڪري ڇڏيو هو.
پوءِ آمريڪا ان ئي معاهدي تحت گڏيل قومن تان ايران تي اڻڄاتل مدي لاءِ هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سلامتي ڪائونسل جي تقريبن سڀني ميمبرن آمريڪي موقف کي رد ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔