مشهور ڀارتي گلوڪار ڪمار سانو به ڪورونا وائرس جو شڪار

ممبئي: پنهنجي سالگره ملهائڻ جي لاءِ گهر ڀاتين وٽ آمريڪا ويندڙ ڀارتي گلوڪار ڪمار سانو ايس او پيز تحت ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جيڪو پازيٽو اچي ويو. جنهن تي هوائي سفر معطل ڪري هو گهر ۾ ئي قرنطينه ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب نوي جي ڏهاڪي ۾ شهرت جي بلندين تي پهچندڙ پلي بيڪ سنگر ڪمارسانو ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي پر ان جي طبيعت ٺيڪ آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جون نشانيون ظاهر ناهن ٿيون. ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ گلوڪار پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.62 ساله ڪمار سانو کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي خبر ان وقت پئي جڏهن هو پنهنجي سالگره ملهائڻ گهر واري ۽ ڌيئرن وٽ لاس اينجلس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو پر اڏام کان اڳ ڪورونا ٽيسٽ جي شرط سبب نشانيون نه هجڻ جي باوجود ٽيسٽ ڪرايو جيڪو حيران ڪندڙ طور تي پازيٽو آيو. ان حوالي سان ڪمار سانو جي گهر واري سلوني ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪمار سانو ٺيڪ ٿي ويو ته هو 8 نومبر تي آمريڪا ايندو ۽ جيڪڏهن هو نه اچي سگهيو ته اسان سڀئي ان سان گڏ تهوار ملهائڻ ممبئي وينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔