ڊونلڊ ٽرمپ خلاف هزارين عورتن جو احتجاج

واشنگٽن : آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون.
”عورت مارچ“ ۾ عورتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اهو احتجاج ڊونلڊ ٽرمپ طرفان قدامت پسند ايمي ڪوني بيرٽ کي سپريم ڪورٽ جج نامزد ڪرڻ خلاف هو.
آمريڪي صدر بيرٽ کي جج روٿ بيڊز گنسبرگ جي لاڏاڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي خالي سيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نئين جج جي نامزدگي آمريڪي صدارتي چونڊن کانپوءِ تائين ملتوي ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔